سهڻا ٻار

سهڻا ٻار

سهڻا ٻار

سهڻا ٻار (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري شاعر علي محمد سولنگيءَ جو ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب جي ارپنا شاعر پنهنجي والد ۽ استادن کي ڪئي آهي. ڪتاب ۾ مقصود گل، غلام محمد غازي، ذوالفقار سيال، خادم مهر، آزاد بخاري، بيخود بلوچ، امتياز عادل سومرو، ارباب علي عادل چوهاڻ جا تاثر به شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل هر شعر سان گڏ چتر ۽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽائٽل تي ٻارن جون تصويرون ۽ بئڪ ٽائٽل تي شاعر جي تصوير سان گڏ ادل سومري جو تاثر ڏنل آهي.
ڊيمي سائيز جي 84 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ثقافتي ادبي فورم دادوءَ پاران 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جي قيمت 99 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو